شاهه ڳڙهه

شاهه ڳڙهه (شهر): سترهين صديءَ ۾ نصرپور پرڳڻي ۾ هيءُ قلعي وارو شهر هو، جنهن جو ذڪر بيگلار نامي ۾ ملي ٿو. هتي ابوالقاسم جو هيڊڪوارٽر هو، جنهن تي 1591ع ڌاري خان خانان جي چڙهائيءَ دؤران گهيرو ڪيو هو. سنڌ ۾ ان کي آبل جو ڪوٽ سڏيندا آهن. هيءَ نصرپور کان ست ميل پرتي، اوڀر پاسي آهي. ان جي ڀرسان لوهاري نالي هڪ ننڍڙو قلعو به هوندو هو، جنهن جو ذڪر بيگلار نامي ترخان نامي ۾ به ملي ٿو.


لفظ شاهه ڳڙههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو